الهداد راهو

الهداد راهو

الهداد راهو

الهداد راهو: مشھور ملهه پھلوان الھداد عرف دادلو ولد علي حيدر راهو، 1984ع ۾ ڳوٺ پھلوان عارف راهو، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. ملهه پھلواني کيس ورثي ۾ ملي. هن 2000/2001ع کان ملهه جي شروعات ڪئي. هن سنڌ سميت پنجاب ۽ بلوچستان جي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ پنھنجي پھلوانيءَ جا جوهر ڏيکاري 15 کن ننڍا وڏا انعام کٽيا. هن 11 مارچ 2010ع تي اڳوڻي روسي رياست ڪرغستان جي شھر بِشڪڪ ۾ 17 ملڪن جي 147 ملهه پهلوانن جي مقابلي ۾ پھرين پوزيشن جو گولڊ ميڊل کٽيو. گولڊ ميڊل کٽڻ جي خوشيءَ ۾ ’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران کيس 16 اپريل 2010ع تي آجياڻو ڏئي پڳ ٻڌرائي ويئي. پڳ جو پھريون ور سنڌ جي وڏي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏنو. جڏهن ته ملهه ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر غلام سرور جتوئي پڳ جو ٻيو ور ڏنو. ان کانسواءِ سندس والد، استاد ۽ سنڌ مان ڪھي آيل مشھور مَلهن کيس جس ڏيندي پڳ جا ور ڏنا. هن 24 جنوري 2023ع تي روڊ حادثي سبب وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.00.00  عيسوي

الهداد راهو: الهداد ولد علي حيدر راهو ، 1984ع ۾ ڳوٺ پهلوان عارف راهو ضلعي نواب شاهه ۾ جنم ورتو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام مبارڪ
شيخ محمد ابراهيم
پرڀداس برهمچاري
اقليدس
سيد محمد شاهه سعيد ٽکڙائي
لڇمڻ سنگهه سوڍو
ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ
جعفري خيرالنساءِ
ايڊيٽر
درس ظهورالحسن مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون